بهاول خان انڙ

بهاول خان اُنڙ: خان انڙ'>بهاول خان انڙ، لاڙڪاڻي ضلعي جي اهم سماجي شخصيت هئي. سندس والد جو نالو محمد عالم انڙ هو، جيڪو بنيادي طور زمينداري پيشي سان لاڳاپيل هو. بهاول خان تاريخ 10 آگسٽ 1939ع تي پيدا ٿيو. تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ”پراڻي آباد“ ۾ ابتدائي تعليم پوري ڪيائين. جلد ئي پوءِ لاڙڪاڻي ۾ باضابطه طور تي لڏي آيو ۽ اتي بي. اي ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون ورتائين. خدمت خلق جو جذبو هئس؛ انهيءَ ڪري پنهنجي زمينداري مشغلي سان گڏ، سماج سڌارڪ طور پاڻ کي رڌل رکيائين. سال 1983ع ۾ ”سماٽ تنظيم“ جو بنياد وڌائين. سندس خيال هو ته ”سنڌ ڌرتي، اصل سنڌين جي ملڪيت آهي ۽ اهي ئي هن زمين جا حقيقي وارث آهن“. انڙ خاندان جي هن فرد، تنظيم جي حوالي سان، سنڌين ۾ ثقافتي ۽ سماجي شعور جاڳايو. انهيءَ لحاظ کان سنڌ ۾ بار بار گشت ڪري، ڪافي ڪاميابي به ماڻيائين. نتيجي ۾ ”سماٽ تنظيم“ بلڪل غير سياسي پليٽفارم تان مثالي مڃتا ماڻي. هن ٺٽي ۽ ڪينجهر ڪناري تي انهيءَ سلسلي ۾ سيمينار به ڪرايا. هن پنهنجي انهيءَ اٽل ارادي کي مستحڪم ۽ مستقيم رکي، هڙان ۽ وڙان وڏا خرچ ڪيا. سندس ڏينهن رات جي لوچ ۽ لوڙ، آخر کيس نِستو بڻائي ڇڏيو ۽ 26 جنوري 1998ع تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.08.10  عيسوي

بهاول خان تاريخ 10 آگسٽ 1939ع تي پيدا ٿيو


1998.01.26  عيسوي

بهاول خان انڙ: سندس ڏينهن رات جي لوچ ۽ لوڙ ، آخر کيس نِستو بڻائي ڇڏيو ۽ 26 جنوري 1998ع تي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنت شري مامئي ڏيو
جارج ابراهَم گريئرسن
اجيو ساڌ
ڪلال
امين محمد اول هالائي مخدوم
احمد خان سهاڳ
حاجي غلام قادر ڪنڀار
انور بلوچ
آڏواڻي ھيرانند شوقي رام
سردار سلطان احمد خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون